فاروق ستار

فاروق ستار

فاروق ستار

فاروق ستار: سياستدان فاروق ستار جو اصل نالو محمد فاروق ولد عبدالستار پيرواڻي (ڪاٺياواڙي ميمڻ) آهي. هن 9 اپريل 1959ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. ايم بي بي ايس جي ڊگري جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي مان 1986ع ۾ حاصل ڪئي. پنھنجي سياسي سفر جي شروعات 1979ع ۾ ڪئي، اڳتي هلي شاگرد تنظيم ’آل پاڪستان متحده اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن‘ ۾ شامل ٿيو. 1987ع ۾ ڪراچي جو ميئر ٿيو. اُن وقت سندس عمر 28 سال هئي. هيءَ 1988ع، 1990ع، 2003ع (ضمني چونڊن)، 2008ع ۽ 2013ع وارين عام چونڊن ۾ ڪراچي جي ڏکڻ واري علائقي مان ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان دوران صوبائي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر رهيو. 1994ع ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪريڪ ڊائون وقت گرفتار ٿيو ۽ 1997ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 1997ع واري اليڪيشن ۾ هڪ ئي وقت صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ قومي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي سنڌ حڪومت ۾ صوبائي وزير ٿيو. ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل پرويز مشرف، پاڪستان جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. تڏهن فاروق ستار کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٻن سالن تائين جيل ۾ رکڻ بعد 2001ع ۾ آزاد ڪيو ويو. پرويز مشرف جي دؤر ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پرڏيھي معاملن واري ڪميٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهيو. 2008ع ۾ کيس وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 2010ع ۾ استعيفيٰ ڏيڻ تائين اوورسيز جي وفاقي وزير طور ڪم ڪيو. 2016ع ۾ هن تي مُلڪي ادارن جي خلاف الطاف حسين جي تقرير ۾ سھولتڪاري جو الزام لڳايو ويو. آگسٽ 2016ع ۾ هن کي ڪراچي ۾ ARY TV جي آفيس تي ايم ڪيو ايم جي حملي کانپوءِ، رينجرز حراست ۾ ورتو. دهشتگردي جي انت واري عدالت نفرت انگيز تقرير ڪيس ۾ سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. جنھنڪري هن الطاف حسين سان لاتعلقي جو اظھار ڪيو. ان تي ايم ڪيو ايم جي لنڊن قيادت، مٿس خيانت جو الزام هڻي کيس پارٽي مان نيڪالي ڏني. فيبروري 2017ع ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي حڪم تي اختيارين سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو. هن نومبر 2017ع ۾ اعلان ڪيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪ سرزمين پارٽي (PSP) سان سياسي اتحاد ڪندو. ان اعلان جي هڪ ڏينھن بعد هن پارٽي ۽ سياست تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، بعد ۾ هن پنھنجي استعيفيٰ واپس ورتي.2018ع ۾ کيس ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر واري عھدي تان هٽايو ويو. 9 نومبر 2018ع تي پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم سندس بنيادي رڪنيت ختم ڪئي. هيءُ ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر، قومي اسيمبلي ۾ ان جو پارلياماني ليڊر ۽ وزير اعظم لاءِ اميدوار به رهيو


لفظ فاروق ستارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.04.09  عيسوي

سياستدان فاروق ستار جو اصل نالو محمد فاروق ولد عبدالستار پيرواڻي (ڪاٺياواڙي ميمڻ) آهي. هن 9 اپريل 1959ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالعزيز
چانڊيو امام بخش اول
جوناٿن مارڪ ڪناير
ٻنوي سيف
شيخ حبيب الله ماستر
قاضي دوست محمد
تاج العاشقين محمد سنڌي
اي آرملڪ ڊاڪٽر
چارلس ڊاروِن (Charles Darwin)
دين محمد شيخ 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون